سنڌ هاءِ ڪورٽ مستونگ سانحي جي جوابدارن سان تعلق جي الزام هيٺ آيل ازبڪ شخص جو نادرا رڪارڊ طلب ڪري ورتو آهي

سنڌ هاءِ ڪورٽ مستونگ سانحي جي جوابدارن سان تعلق جي الزام هيٺ آيل ازبڪ شخص جو نادرا رڪارڊ طلب ڪري ورتو آهي، عدالت چيو ته سنڌ ڪو يتيم خانو ناهي جو هر ماڻهو کي هتي پناهه ڏني وڃي ٿي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ مستونگ سانحي ۾ ملوث جوابدارن سان لاڳاپا هئڻ جي الزام هيٺ آيل عبدالحئي پاران داخل ڪيل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

الزام هيٺ آيل شخص عبدالحئي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿي ٻڌايو ته هو پاڪستان ۾ رهي ٿو وٽس سمورا دستاويز موجود آهن.

ايس ايس پي ٺٽو عدالت کي ٻڌايو ته عبدالحئي جو تعلق ازبڪستان سان آهي، پاڪستاني ايجنسيون سندس خلاف جاچ ڪري رهيون آهن.

ايس ايس پي ٺٽو عدالت کي ٻڌايو ته جوابدار عبدالحئي  ڪٿي مستونگ سانحي ۾ ملوث ته ناهي، ان بابت پاڪستاني ايجنسيون جاچ ڪري رهيون آهن.

ايس ايس پي ٺٽو عدالت کي ٻڌايو ته سي ٽي ڊي پنهنجي جاچ رپورٽ ۾ ڄاڻايو هو ته ٺٽي جا ڪجهه ماڻهو مستونگ سانحي ۾ ملوث جوابدارن جا ساٿاري آهن.

عدالت چيو ته سنڌ ڪو يتيم خانو ناهي جو هر ماڻهو کي پناهه ڏني وڃي، ازبڪ شخص جا مڪمل دستاويز ڏسڻ بعد فيصلو ڪنداسين.

عدالت ازبڪ شخص بابت ڊي جي ايف آءِ اي ۽ ڊي جي نادرا کان رڪارڊ طلب ڪري ورتو آهي……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*