ٿر ۾ خوراڪ جي کوٽ ۽ ٻين بيمارين سبب گلن جهڙن معصوم ٻارڙن جي فوت ٿيڻ جو سلسلو رڪجي نه سگهيو

ٿر ۾ خوراڪ جي کوٽ ۽ ٻين بيمارين سبب گلن جهڙن معصوم ٻارڙن جي فوت ٿيڻ جو سلسلو رڪجي نه سگهيو، سول اسپتال مٺي ۾ وڌيڪ 2 ٻار فوت ٿي ويا، هلندڙ مهيني جي 19 ڏينهن دوران فوت ٿي ويل ٻارن جو انگ وڌي 37 ٿي ويو آهي.

مٺي سول اسپتال ۾ ڳوٺ پنج پڙا جي رهواسي عيسو جو ٽن مهينن جو پٽ رئوف ۽ ڏيپلو جي رهواسي طيب جو تازو ڄاول پٽ فوت ٿي ويا آهن.

هلندڙ مهيني جي 19 ڏينهن دوران فوت ٿي ويل ٻارن جو انگ وڌي 37 ٿي ويو، جڏهن ته هلندڙ سال جي ساڍا 11 مهينن دوران فوت ٿي ويل ٻارن جو انگ وڌي 634 ٿي ويو آهي.

رهواسين چيو ته سول اسپتال ۾ صحت  سهولت جي کوٽ سبب پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهيون.

هنن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته کين دوائن سميت ٻيون سهولتون فراهم ڪري سندن ٻچن جون قيمتي زندگيون بچايون وڃن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*