گهرو معاملن بابت مملڪتي وزير شهريار آفريدي چيو آهي ته اسان کي پنهنجي سيڪيورٽي فورسز تي فخر آهي

گهرو معاملن بابت مملڪتي وزير شهريار آفريدي چيو آهي ته اسان کي پنهنجي سيڪيورٽي فورسز تي فخر آهي، ماضي ۾ پوليس کي ذاتي ڪم لاءِ استعمال ڪيو ويو پر مستقبل ۾ اسلام آباد جي پوليس جي ڪارڪردگي نمبر ون تي هوندي، اسان نئين پاڪستان ۾ بدمعاشي  ٿيڻ نه ڏينداسين.

اسلام آبا ۾ پوليس جي 283 هين پاسنگ آئوٽ پريڊ ٿي، تقيب ۾ گهرو معاملن بابت مملڪتي وزير شهريار آفريدي  ۽ آءِ جي اسلام آباد شرڪت ڪئي.

تقريب کي خطاب ڪندي گهرو وزير چيو ته 280 پاس آئوٽ ڪندڙ نوجوانن کي  وزيراعظم طرفان واڌيون ڏيان ٿو، هن قوم کي اوهان تي فخر آهي.

هن چيو ته جڏهن به غيريقيني صورتحال پيدا ٿيندي آهي ته فرنٽ لائن تي پوليس پنهنجو ڪردار ادا ڪندي آهي، سمورن قانون لاڳو ڪندڙ ادارن بي مثال قربانيون ڏنيون آهن.

شهريار آفريدي چيو ته جڏهن مملڪتي وزير جو عهدو سڀناليو ته وزيراعظم چيو ته هي اهم ذميواري آهي، الله کانسواءِ ٻيو ڪنهن کان نه ڊڄجان.

مملڪتي وزير چيو ته اسان وفاقي  پوليس کي هڪ ماڊل پوليس بڻائينداسين، جيڪا دنيا لاءِ مثال بڻجندي.

هن چيو ته پوليس لائن ۾ پهرين وزٽ تي ئي شهيدن جي پيڪيج جو اعلان ڪيو، نئين پاڪستان ۾ لاقانونيت جو ڪو به تصور نه ڪري.

مملڪتي وزير چيو ته اسلام آباد مان قبضي مافيائن کان هڪ هڪ انچ زمين خالي ڪرائينداسين، وزيراعظم جي هدايت تي وڏن واڳن خلاف آپريشن شروع ڪيو.

آءِ جي اسلام آباد چيو ته پهريون ڀيرو قبضا مافيا کان سرڪاري زمين خالي ڪرائي وئي آهي، اسان منشِيات فروشي کي ختم ڪنداسين، پاڪستان ۾ رڳو قانون جي حڪمراني هوندي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*