ڳڙهي خيرو ويجهو مڙس جي ظلمن کان تنگ اچي ٿاڻي تي پهتل عورت کي عدالت والدين حوالي ڪري ڇڏيو

ڳڙهي خيرو ويجهو مڙس جي ظلمن کان تنگ اچي ٿاڻي تي پهتل عورت کي عدالت والدين حوالي ڪري ڇڏيو.

 ڳڙهي خيرو پوليس ڳوٺ مقيم شاهه جي رهواسڻ آسيه کي سول ڪورٽ ۾ جج آڏو روبرو پيش ڪيو.

 ان موقعي تي هن عدالت کي ٻڌايو ته  سندس مڙس عباس عمراڻي روز تشدد ڪندو آهي، جنهن سبب هو بيزار اچي وئي آهي، کيس تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

 عدالت عورت کي والدين حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو، جنهن بعد پوليس عدالتي حڪم تحت کيس  والدين سان گڏ روانو ڪري ڇڏيو……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*