ڊي آءِ جي ڏکڻ جاويد عالم اوڍو چيو آهي ته ڊفينس ۾ زهريلو کاڌو کائڻ سبب 2 ٻارڙن جي فوت ٿيڻ بابت جاچ جاري آهي

ڊي آءِ جي ڏکڻ جاويد عالم اوڍو چيو آهي ته ڊفينس ۾ زهريلو کاڌو کائڻ سبب 2 ٻارڙن جي فوت ٿيڻ بابت جاچ جاري آهي، ماهرن جي تجزيي ۽ رپورٽ مان ثابت ٿيو آهي ته کاڌي ۾ زهريليون بڪٽيرياز شامل هيون.

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڊي آِءِ جي جاويد عالم اوڍو جو چوڻ هو ته  ٻارڙن جي فوت ٿيڻ بعد انهن جا جزا وٺي چڪاس لاءِ ليبارٽري اماڻيا ويا.

جاويد عالم اوڍو جو چوڻ هو ته ٻارڙا والدين سان گڏ جنهن ريسٽورنٽ ۾ کاڌو کائڻ لاءِ ويا هئا ان کاڌي جا سنپل وٺي چڪاس جي لاءِ ليبارٽري اماڻيا ويا آهن.

ڊي آءِ جي سائوٿ جو چوڻ هو ته معاملي جو فوڊ اٿارٽي کي اطلاع ڏنو ويو ۽ ٻارڙن جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد جزا ليبارٽري اماڻيا ويا.

ڊي آءِ جي جو چوڻ هو ته ماهرن جي تجزيي ۽ رپورٽ مان ثابت ٿيو آهي ته کاڌي ۾ زهريلا بڪٽيرياز شامل هئا، کاڌو کائڻ سان ٻارڙن جي والد جي به طبيعت خراب ٿي هئي، جيڪو فوري اطلاع نه ڏئي سگهيو هو…………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*