پيپلزپارٽي جي سينيئر اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته قرضن تي ڪڏهن به ملڪ ناهي هلندو

پيپلزپارٽي جي سينيئر اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته قرضن تي ڪڏهن به ملڪ ناهي هلندو، آصف علي زرداري ۽ پيپلزپارٽي جو ڪو به ميمبر اين آر او نه وٺندو، عمران خان مڊ ٽرم جي ڳالهه  ڪري پنهنجي ناڪامي کي تسليم ڪري ورتي آهي.

اسلام آباد ۾ صحافين سان  ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته پيپلزپارٽي ۽ اپوزيشن جو ضد آهي ته هي اسيمبلي پنهنجو مدو پوري ڪري ته جئين ڪا غيريقيني واري صورتحال پيدا نه ٿئي ۽ عوام ڪنهن آزمائش نه پوي.

خورشيد شاهه چيو ته حڪومت چئن مهينن ۾ وائکي ٿي چڪي آهي، وزيراعظم ٿورڙي عرصي ۾ ئي چئي ڇڏيو ته مڊٽرم چونڊون ٿي سگهن ٿيو، ان وڌيڪ ناڪامي جي ڪهڙي نشاني هوندي.

خورشيد شاهه چيو ته عمران خان پنهنجي حڪومت ۽ پنهنجي ناڪامي جو اعتراف ڪيو، جيڪو ملڪ جي ڪمزور کان ڪمزور وزيراعظم به ڪڏهن نه ڪيو هو.

پيپلزپارٽي جي اڳواڻ چيو ته عمران خان ۽ سندس حڪومت جي ناڪامي پارليامينٽ جي ناڪامي نه آهي، هاڻ به فيصلا پارليامينٽ ۾ ٿين ته صورتحال بهتر ٿي سگهي ٿي.

خورشيد شاهه چيو ته نيون چونڊون ٿينديون يا وري پارليامينٽ اندر ڪا تبديلي ايندي، ان بابت ڪجهه نه ٿو چئي سگهجي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*