بلوچستان جي علائقي تربت ۾ ويگو گاڏي ۽ ڪار وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾  3 ڄڻا فوت ٿي ويا

بلوچستان جي علائقي تربت ۾ ويگو گاڏي ۽ ڪار وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾  3 ڄڻا فوت ٿي ويا، ريسڪيو ذريعن موجب، فوت ٿي ويلن جو تعلق تربت جي علائقي دشت ڪنچتي سان آهي.

تربت ويجهو ويگو گاڏي ۽ ڪار ٽڪر جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو.

اطلاع تي رضاڪارن پهچي  فوت ٿي ويلن جا لاش ۽ زخمين کي هڪ اسپتال منتقل ڪيو، جتي زخمي کي طبي امداد ڏني وئي.

ريسڪيو ذريعن موجب، فوت ٿي ويل ٽنهي ڄڻن جو تعلق دشت ڪنچتي واري علائقي سان هو، حادثو تيز رفتاري سبب پيش آيو……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*