ملير  ۾ پوليس ۽ رينجرز گڏيل ڪارروائي دوران پوليس مٿان فائرنگ ۾ ملوث ايم ڪيو ايم لنڊن سان واڳيل ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو

ملير  ۾ پوليس ۽ رينجرز گڏيل ڪارروائي دوران پوليس مٿان فائرنگ ۾ ملوث ايم ڪيو ايم لنڊن سان واڳيل ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو،

ايس ايس پي ملير موجب پوليس  ۽ رينجرز گڏيل ڪارروائي دوران ايم ڪيو ايم لنڊن سان تعلق رکندڙ جوابدار عبدالرحمان  ۽ فيصل کي  گرفتار ڪيو ويو آهي.

ايس ايس پي ملير جو چوڻ آهي ته ٻئي ڏوهاري ڪجهه وقت اڳ معين آباد ڦر دوران رينجرز سان مقابلي ۾ زخمي حالت ۾ فرار ٿيا هئا.

ايس ايس پي جو وڌيڪ چوڻ هو ته جوابدارن جي قبضي مان وڏي انگ ۾ هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن، جن کان وڌيڪ جاچ جاري آهي………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*