ڪراچي جي ڪورنگي واري علائقي ۾ رينجرز  ڪارروائي ڪري ٽن ڀتاخورن کي گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي

ڪراچي جي ڪورنگي واري علائقي ۾ رينجرز  ڪارروائي ڪري ٽن ڀتاخورن کي گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

رينجرز ترجمان پاران جاري ڪيل پريس رليز ۾ چيو ويو آهي ته گرفتار جوابدارن سوناري تسليم کان ڀتو گهريو نه ڏيڻ تي سندس ڪار تي فائرنگ ڪئي.

رينجرز ترجمان موجب گرفتار جوابدارن ۾ محمد ثاقب، طلحه ۽ ثاقب شامل آهن، جن وٽان هٿيار به مليا آهن.

رينجرز ترجمان چيو ته سوناري تسليم رينجرز کي شڪايت ڪئي ته ڪجهه جوابدارن هن کان 2 ڪروڙ ڀتو گهريو آهي نه ڏيڻ تي سنگين نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏنيون ويون آهن.

رينجرز ترجمان چيو ته رينجرز ڪارروائي ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪيو آهي، جن کي وڌيڪ قانوني ڪارروائي لاءِ پوليس حوالي ڪيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*