قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پيراگون هائوسنگ اسڪينڊل ۾ گرفتار نواز ليگ اڳواڻ خواجا سعد رفيق جا پروڊڪشن آرڊر جاري ڪري ڇڏيا

قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پيراگون هائوسنگ اسڪينڊل ۾ گرفتار نواز ليگ اڳواڻ خواجا سعد رفيق جا پروڊڪشن آرڊر جاري ڪري ڇڏيا.

ريلوي وارو اڳوڻي وفاقي وزير خواجا سعد رفيق ۽ سندس ڀاءُ سلمان رفيق پيراگون هائوسنگ اسڪينڊل ۾ نيب لاهور وٽ گرفتار ٿيل آهن.

قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر قومي اسيمبلي جي ميمبر خواجا سعد رفيق جا پروڊڪشن آرڊر جاري ڪري ڇڏيا.

پروڊڪشن آرڊر قومي اسيمبلي جي موجوده اجلاس ۾ شرڪت لاءِ جاري ڪيا ويا آهن.

قومي اسيمبلي جي طريقيڪار موجب، ڪنهن به گرفتار اسيمبلي ميمبر جي موجودگي کي ضروري سمجهندي کيس اجلاس ۾ طلب ڪري سگهجي ٿو.

واضح رهي ته خواجا سعد رفيق جي گرفتاري تي اپوزيشن پاران پروڊڪشن آرڊر جاري نه ٿيڻ سبب سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جي اجلاس مان واڪ آئوٽ ڪيو ويو هو…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*