ٿر ۾ گلن جهڙن معصوم ٻارن تان موت ٽارو نه ڪيو

ٿر ۾ گلن جهڙن معصوم ٻارن تان موت ٽارو نه ڪيو، سول اسپتال مٺي ۾ وڌيڪ چار ٻار فوت ٿي ويا، هلندڙ مهيني جي 20 ڏينهن دوران فوت ٿي ويل ٻارن جو انگ وڌي 42 ٿي ويو آهي.

ڳوٺ جيئندو درس جي رهواسي گل سهتو جو ٻن مهينن جو پٽ اعجاز، ڳوٺ ڀيماڻي جي رهواسي مٺو ڀيل جو 28  ڏينهن جو پٽ ڪشور، ڳوٺ ڀاڏور جي رهواسي دوست علي بجير جو هڪ ڏينهن تازو ڄاول پٽ ۽ ڳوٺ ڄامن سمون جي رهواسي جيتو ڀيل جي تازي ڄاول ڌيءَ فوت ٿي ويا.

هلندڙ سال جي پوڻن ٻارنهن مهينن دوران فوتي ٻارن جو انگ وڌي 639 ٿي ويو آهي.

رهواسين جو چوڻ آهي ته اسپتال ۾ دوائن سميت ٻيون ڪي به سهولتون نه ملي رهيون آهن.

هنن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته کين دوائن سميت ٻيون سهولتون فراهم ڪري سندن ٻارن جون حياتيون بچايون وڃن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*