سڪرنڊ ۾ موٽروي فائين ڪليڪشن جي ڪچن ملازمن پاران برطرف ڪرڻ ۽ پگھارون نه وڌائڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

سڪرنڊ ۾ موٽروي فائين ڪليڪشن جي ڪچن ملازمن پاران برطرف ڪرڻ ۽ پگھارون نه وڌائڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ملازمن فيض محمد رند ۽ مجاھد مھر جي اڳواڻي ۾ ميڊيا سينٽر چوڪ تي پنجين ڏيھن به احتجاجي مظاھرو ڪيو.

احتجاج ڪندڙن چيو ته گذريل ڏھن سالن کان موٽروي فائين ڪليڪشن ۾ ملازم طور ڪم ڪري رهيا آهيون،   احتجاج ڪرڻ تي کين نوڪرين مان فارغ ڪيو ويو آهي.

هنن چيو ته کين 8 ھزار پگھار ڏني ويندي هئي، نوڪرين مان برطرف ڪرڻ سبب پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهيون.

ھنن آءِ جي موٽروي کان مطالبو ڪيو آھي ته کين نوڪرين تي بحال ڪري پگهارون وڌايو وڃن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*