دادو ۾ لاشادري برادري جي 6 ڄڻن جي قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدارن جي گرفتاري لاءِ سندس وارث احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو

دادو ۾ لاشادري برادري جي 6 ڄڻن جي قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدارن جي گرفتاري لاءِ سندس وارث احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

لياقت لاشاري، وسيم احمد، عبدالقيوم لاشاري ۽ يارمحمد لاشاري جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

 احتجاج ڪندڙن چيو ته 6 مهينا اڳ جوابدار حملو ڪري معشوق لاشاري، ارباب علي، خادم حسين، محمد مٺل، شاهد ۽ هدايت علي لاشاري کي قتل ڪيو.

هنن چيو ته دادو پوليس 6 مهينا گذرڻ باوجود قتل ۾ ملوث جوابدارن ميرحسن مري، الا بخش، محمد بخش، شير محمد،بخت جمال ۽ خدابخش کي گرفتار ڪري نه سگهي آهي.

هنن الزام هنيو ته پوليس جوابدارن کان پئسا وٺي 6 ڄڻن جو قتل ڪيس لوڙھي رهي آھي،جوابدارن کي گرفتار ڪري کين انصاف فراهم ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*