اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي وي ڪرپشن ڪيس ۾ گرفتار اينڪر پرسن ڊاڪٽر شاهد مسعود جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي وي ڪرپشن ڪيس ۾ گرفتار اينڪر پرسن ڊاڪٽر شاهد مسعود جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پي ٽي وي ڪرپشن ڪيس ۾ گرفتار ڊاڪٽر شاهد مسعود جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي.

پي ٽي وي جي وڪيل چيو ته جوابدار ڪاشف رباني هڪ ڪروڙ 30 لک واپس ڪيا، جڏهن ته جوابدار روشن مصطفيٰ گيلاني 80 لک رپيا واپس ڪيا آهن.

جسٽس محسن اختر ڪياني پڇا ڪئي ته شريڪ جوابدارن جي ضمانت ميرٽ تي ٿي يا پيسا واپس ڪرائي ضمانت ورتي وئي.

ايف آءِ اي عدالت کي ٻڌايو ته پي ٽي وي ڪرپشن ڪيس ۾ مڪمل جاچ ڪئي آهي پر چالان هن وقت تائين جمع نه ٿيو آهي، شاهد مسعود پاران پيسا وٺڻ جو ڪو به ثبوت نه مليو آهي ۽ نه ڪا شاهدي ملي آهي.

عدالت ڌرين جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد ضمانت واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*