ڀان سيد آباد  ويجهو انڊس ھاءِ وي تي موٽر سائيڪل سلپ ٿيڻ جي نتيجي ۾ ھڪ ڄڻو فوت ۽ ٻيو همراهه زخمي ٿي پيو

ڀان سيد آباد  ويجهو انڊس ھاءِ وي تي موٽر سائيڪل سلپ ٿيڻ جي نتيجي ۾ ھڪ ڄڻو فوت ۽ ٻيو همراهه زخمي ٿي پيو.

ڳوٺ آمڙا وٽ حادثي جي نتيجي ۾ سچل بوزدار فوت ٿي ويو ۽ ياسين پنھور زخمي ٿي پيو، جنهن کي سيوهڻ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

حادثي ۾ فوت ۽ زخمي ٿيل ڳوٺ بوزدار جا رهواسي آهن، موٽرسائيڪل تي سيوهڻ وڃي رهيا هئا ته سندن گاڏي انڊس هاءِ وي تي سلپ ٿي وئي.

فوت ٿي ويل سچل بوزدار جو لاش سندس ڳوٺ پهچائڻ تي ڪهرام مچي ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*