سکر جي عدالت مبينا پوليس مقابلي ۾گرفتار جوابدار کي بيڏوهي قرار ڏيندي مقابلو ڪوڙو قرار ڏئي ڇڏيو

سکر جي عدالت مبينا پوليس مقابلي ۾گرفتار جوابدار کي بيڏوهي قرار ڏيندي مقابلو ڪوڙو قرار ڏئي ڇڏيو، جوابدار کي سي آءِ  اي سکر پوليس 2 مهينا اڳ گرفتار ڪيو هو.

فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج محمد ابراهيم سومرو جي عدالت مبينا پوليس مقابلي ۾گرفتار جوابدار قربان ميراڻي جي ڪيس جي ٻڌڻي  ٻڌڻي ڪئي .

عدالت سي آءِ اي سکر پوليس جو مقابلو ڪوڙو قرار ڏيندي گرفتار قربان ميراڻي کي باعزت بري ڪري ڇڏيو.

ٻه مهينا اڳ سکر سي آءِ اي پوليس ڊريها جي رهائشي قربان ميراڻي کي مبينا پوليس مقابلي دوران گرفتار ڪيو هو.

قربان ميراڻي خلاف  جهانگڙو ۽ ايئرپورٽ ٿاڻن تي مقابلي ۽ غير قانوني ڪلاشنڪوف رکڻ جا ڪيس داخل ڪيا ويا هئا……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*