سنڌ هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وڏي وزير لياقت علي جتوئي کي پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي

سنڌ هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وڏي وزير لياقت علي جتوئي کي پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وڏي وزير لياقت علي جتوئي پاران نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ ۽ ايف آءِ اي پاران کيس دبئي وڃڻ کان روڪڻ خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته لياقت علي جتوئي کي ايف آءِ اي اختيارين دبئي وڃڻ کان روڪيو هو.

وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته لياقت علي جتوئي دبئي وڃي رهيو ته ايف آءِ اي اختيارين روڪي کيس چيو ته سندس نالو اي سي ايل ۾ شامل آهي.

وڪيل جو چوڻ هو ته لياقت علي جتوئي کي سندس پٽ سان ملڻ  لاءِ دبئي وڃڻو آهي، کيس فوري پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏني وڃي.

عدالت درخواست منظور ڪندي لياقت علي جتوئي کي دبئي وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*