سنڌ هاءِ ڪورٽ رينجرز اهلڪارن جي قتل ڪيس ۾ ٻن جوابدارن جي ڦاهي خلاف اپيل رد ڪندي سندس سزا برقرار رکڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

سنڌ هاءِ ڪورٽ رينجرز اهلڪارن جي قتل ڪيس ۾ ٻن جوابدارن جي ڦاهي خلاف اپيل رد ڪندي سندس سزا برقرار رکڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جوابدار ڪامران ۽ فرحان جي ڦاهي واري سزا خلاف داخل ڪرايل اپيل تي ٻڌڻي ڪئي.

عدالت دهشتگردي ٽوڙ عدالت جو فيصلو برقرار رکندي جوابدارن جي ڦاهي واري سزا خلاف داخل ڪرايل اپيل رد ڪري ڇڏي آهي.

واضح رهي ته جوابدارن 2006 ۾ سعود آباد ٿاڻي جي حد ۾ فائرنگ ڪري اهلڪار مصري خان ۽ غلام عباس کي شهيد ڪيو هو، اي ٽي سي کين ڦاهي جي سزا ٻڌائي هئي.…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*