جوهي تعلقي ۾ ٻيهر زرعي پاڻي جي هٿرادو کوٽ خلاف آبادگارن پاران احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو

جوهي تعلقي ۾ ٻيهر زرعي پاڻي جي هٿرادو کوٽ خلاف آبادگارن پاران احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.

ميهر گاڏهي، لعل محمد رودناڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ آبادگارن احتجاجي مظاهرو ڪري فاضل چوڪ وٽ ڌرڻو هنيو.

احتجاج ڪندڙن چيو ته جوهي برانچ تي مقرر رينجرس جي واپسي سان ئي ٻيهر پڇڙي جي شاخن مان پاڻي اڻلڀ ٿي ويو آهي.

هنن چيو ته قرض ۽ وياج تي ٻج ڀاڻ وٺي فصل پوکيا  ويا آهن،پاڻي نه ملڻ سبب سُڪي سڙي رهيا آهن.

هنن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته تعلقي جي مختلف شاخن مان پاڻي کوٽ ختم ڪري آبادگارن کي معاشي تباهي کان بچايو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*