متحده قومي موومينٽ پاڪستان جي وفد پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سان ملاقات ڪئي

متحده قومي موومينٽ پاڪستان جي وفد پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سان ملاقات ڪئي، جنهن  دوران اليڪشن کان اڳ طئي ٿيل معاهدن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

متحده قومي موومينٽ جي وفد جي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سان اسلام آباد ۾ ملاقات ٿي، جنهن دوران ناڻي وارو وفاقي وزير اسد عمر به موجود هو.

ملاقات دوران ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال، اسٽينڊنگ ڪميٽين جي قيام سميت اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

ايم ڪيو ايم وفد جي قيادت آءِ ٽي جي وفاقي وزير ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي ڪئي، جڏهن ته قانون وارو وزير بيرسٽر فروغ نسيم به ساڻن گڏ هو.

ملاقات دوران اليڪشن کان اڳ پي ٽي آءِ ۽ ايم ڪيو ايم وچ ۾ طئي ٿيل معاهدن تي عملدرآمد جي حوالي سان خصوصي مشاورت ڪئي وئي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*