وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسان جا حڪمران عاليشان محلن ۾ رهندا آهن

وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسان جا حڪمران عاليشان محلن ۾ رهندا آهن پر مديني واري رياست ۾ حڪمرانن ڪڏهن به پئسو پنهنجي ذات تي خرچ نه ڪيو، نوجوان ٽيڪس واري پئسي جي غلط استعمال تي آواز اٿارين.

اسلام آباد ۾ پي ايم هائوس کي يونيورسٽي جو درجو ڏيڻ بابت تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته جڏهن کان آزاد ملي آهي تڏهن کان اسان تعليم تي ڌيان ناهي ڏنو، هاڻي تعليم تي ڌيان ڏيڻو پوندو.

هن چيو ته اسان جا حڪمران عاليشان محلن ۾ رهندا آهن پر  مديني واري رياست ۾ حڪمرانن پيسا پنهنجي ذات تي خرچ ناهن ڪيا.

وزيراعظم چيو ته، اسان عوام کي باشعور بڻائي رهيا آهيون، مون ننڍ پڻ کان گورنر هائوس ۽ حڪمرانن جا وڏا وڏا گهر ڏٺا آهن.

هن چيو ته عظيم ليڊر پيغمبر صه  اسلام جي تعليم کي وڌيڪ اهميت ڏيندو هو.

وزيراعظم چيو ته، مون کي تبديلي برطانيا وڃڻ ۽ اتان جي ماڻهن جي زندگي گذارڻ واري طريقي کي ڏسڻ بعد نظر آئي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*