نواز ليگ اڳواڻ خواجه سعد رفيق چيو آهي ته 70 ورهين کان جاري راند هاڻي ختم ٿيڻ گهرجي

نواز ليگ اڳواڻ خواجه سعد رفيق چيو آهي ته 70 ورهين کان جاري راند هاڻي ختم ٿيڻ گهرجي، آصف زرداري جي گرفتار ٿيڻ سان خطرناڪ بحران واري صورتحال پيدا ٿيندي، عدليه ۽ اسٽيبلشمينٽ سوچين ته پاڪستان کي ڪهڙي پاسو نيو پيو وڃي.

قومي اسيمبليءَ جو اجلاس ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري جي صدارت هيٺ ٿيو.

اجلاس ۾ خطاب ڪندي خواجا سعد رفيق چيو ته  نيب جنهن کي منهنجي خلاف سلطاني شاهد بڻائي پيش ڪيو، اهو ڪي به دستاويز پيش نه ڪري سگهيو آهي.

هن چيو ته  گرفتاري دوران نيب اختيارين مون سان معقول رويو اختيار ڪيو، جيڪو سچ آهي تنهن جو ذڪر ڪندس.

خواجا سعد رفيق چيو ته نيب ڪارو قانون آهي، اهو احتساب لاءِ نه پر سياسي وفاداريون تبديل ڪرائڻ لاءِ ٺاهيو ويو آهي، قانون ٺاهيندڙن جي بدنيتي ظاهر آهي.

هن چيو ته ملڪ ۾ احتساب جي نالي تي انتقام جي روش اختيار ڪري وئي وئي، ن ليگ جي دور ۾ به احتساب جي عمل کي شفاف نه ٿو سمجهان.

هن چيو ته جيڪي به محب وطن پاڪستاني آهن، اهي جيڪا به درخواست لکن ٿا ڪارروائي شروع ٿي ويندي آهي، اهي محب وطن ڪير آهن؟ جيڪي ٻين کي غدار سمجهن ٿا.

خواجه سعد رفيق چيو ته جاچ دوران مون کان عليم خان بابت پڇا ڪئي وئي جنهن تي مون چيو ته هو معقول ماڻهو آهي.

خواجا سعد رفيق چيو ته، گرفتارين جي اسڪور بورڊ ۾ پ پ ۽ ن ليگ جي وڌيڪ اڳواڻن جي گرفتارين جو انتظار نه ڪيو وڃي ڇو ته اها ڳالهه مهانگي پئجي سگهي ٿي.

نواز ليگ اڳواڻ چيو ته عدليه ۽ اسٽيبلشمينٽ ٿڌي دل سان سوچين، ته پاڪستان کي ڪهڙي پاسو نيو پيو وڃي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*