ڪلوئي ويجهو  پراسرار بيماري سبب وڌيڪ 2 مور مري ويا

ڪلوئي ويجهو  پراسرار بيماري سبب وڌيڪ 2 مور مري ويا، گذريل هڪ مهيني دوران  مري ويل  مورن جو انگ وڌي 16 ٿي ويو آهي.

ڳوٺ ڪيڙٻارو ڀرسان بيماري سبب وڌيڪ 2 مور مري ويا آهن.

رهواسين موجب ڳوٺ ڪيڙٻارو، کاڙڪ ۽ لس سميت ٻين ڳوٺن ۾ ڪيترائي مور بيماري ۾ ورتل آهن.

هنن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته جهنگلي جيوت کاتي جي ٽيم موڪلي مور پکين کي مرڻ کان بچايو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*