پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اوپنر احمد شهزاد مٿان پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پاران مڙهيل پاپندي اڄ ختم ٿي رهي آهي

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اوپنر احمد شهزاد مٿان پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پاران مڙهيل پاپندي اڄ ختم ٿي رهي آهي.

قومي ٽيم جي نوجوان بيٽسمين احمد شهزاد جو جولائي مهيني ۾ پاڪستان ڪپ دوران ڊوپ ٽيسٽ مثبت آيو هو.

پاپندي سبب احمد شهزاد قائد اعظم ٽرافي جي ميچز ۾ شرڪت نه ڪري سگهيو.

پي سي بي جي ضابطن جي خلاف ورزي تي احمد شهزاد تي مڙهيل 10نومبر واري پاپندي 22ڊسمبر تائين وڌائي وئي هئي.

پاپندي مڙهيل دوائون استعمال ڪرڻ تي احمد شهزاد مٿان چئن مهينن جي پاپندي مڙهي وئي هئي ۽ان دوران ڪلب ڪرڪيٽ ميچز کيڏڻ تي احمد شهزاد تي وڌيڪ ڇهه هفتا پاپندي ۾ اضافو ڪيو ويو هو.

——————

پاڪستان جي ٽيم ڏکڻ آفريڪي انويٽيشن اليون کي هڪ طرفي مقابلي بعد ڇهه وڪيٽن تان شڪست ڏئي ميزبان ٽيم لاءِ خطري جي گهنٽي وڃائي ڇڏي.

بنوني ۾ کيڏي ويل ٽن ڏينهن واري پريڪٽس ميچ ۾ ڏکڻ آفريڪا انويٽيشن اليون پهرين اننگ ۾ ست وڪيٽن جي نقصان تي 318رنز تي ڊڪليئر ڪري ڇڏي هئي، جنهن جي جواب ۾ پاڪستان به پنهنجي پهرين اننگ ۾ ست وڪيٽن جي نقصان تي 306رنز اسڪور ڪري اننگ ڊڪليئر ڪئي.

پاڪستان پاران پهرين اننگ ۾ اظهر علي ۽ بابر اعظم سنچريون اسڪور ڪيون.

انويٽيشن اليون ٻيئن اننگ ۾ 182رنز اسڪور ڪري اننگ ڊڪليئر ڪري ڇڏي ۽ پاڪستان جي ٽيم کي 195رنز جو حدف مليو.

پاڪستاني بيٽسمينن شاندار بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي مقرره 195رنز جو ٽارگيٽ 41هين اوور ۾ چئن وڪيٽن جي نقصان تي پورو ڪري ڪاميابي ماڻي ورتي.

حارث سهيل 73 ۽امام الحق 66رنز جي اننگ کيڏي ٽيم جي ڪاميابي ڏيارڻ ۾ اهم ڪردار اداڪيو.

واضح رهي ته پاڪستان ۽ڏکڻ آفريڪي ٽيمن وچ ۾ ٽن ٽِيسٽ ميچز تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ 26ڊسمبر تي سنچورين۾ شروع ٿيندي.

——————

اڳوڻي آسٽريلوي ڪپتان اسٽيو سمٿ بال ٽيمپرنگ ڪيس ۾ جذباتي پريس ڪانفرنس بعد پهريون ڀيرو چپ توڙي ڇڏي آهي.

سڊني ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اسٽيو سمٿ چيوته سندس مٿان هڪ وقت اهڙو به آيو ، جڏهن ته هو پنهنجي بستري مان به نڪرڻ  مناسب نه پيو سمجهي.

هن وڌيڪ چيو ته هاڻي هو پهرين جي مقابلي ۾ ڪافي بهتر محسوس ڪري رهيو آهي ۽ فيملي سان گڏ دوستن کيس مڪمل سپورٽ ڪئي.

هن وڌيڪ چيوته اهو وقت تمام گهڻو مشڪل رهيو ۽ ان دوران وڏي تڪليف واري مرحلي مان گذرڻو پيو ۽ هڪ اهڙو وقت به آيو ،جو هو گهر ته ڇا پر پنهنجي بستري مان به ٻاهر نه نڪرندو هو.

اڳوڻي ڪپتان چيوته غلطي وڏي هئي پر هو سٺو انسان آهي ۽ اڳتي وڌڻ چاهي ٿو.

مارچ مهيني ۾ ڏکڻ آفريڪا خلاف ڪيپ ٽائون ٽيسٽ ۾ بال ٽيمپرنگ ڪيس سبب اسٽيو سمٿ، ڊيوڊ وارنر ۽ ڪيمرون بين ڪرافٽ پاپندي کي منهن ڏئي رهيا آهن، جيڪا ايندڙ سال 29مارچ تي ختم ٿيندي.

——————

پاڪستان هاڪي ٽيم جي چيف سليڪٽر اصلاح الدين جو چوڻ آهي ته ورلڊڪپ هاڪي ۾ شڪست جي سببن ۽ بهتري بابت سفارشون هڪ ٻن ڏينهن اندر ڪميشن کي اماڻينداسين.

اڳوڻي اولمپيئن ۽موجوده ٽيم جي چيف سليڪٽر جو وڌيڪ چيو ته هو پنهنجي عهدي تان استعفيٰ نه ڏيندو.

هاڪي ورلڊڪپ ۾ شڪست بعد پوري ٽيم منيجمنٽ استعفيٰ ڏئي ڇڏي، پر چيف سليڪٽر اصلاح الدين عهدي کان ڌار ٿيڻ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو آهي.

اصلاح الدين جو وڌيڪ چوڻ هو ورلڊڪپ ۾ شڪست جي جاچ ڪندڙ انڪوائري ڪميشن پاران کيس خط وصول ٿيو آهي، جنهن ۾  پڇيل سوالن جو جواب هو هڪ ٻن ڏينهن ۾ ڏئي ڇڏيندو.

——————-

پاڪستان هاڪي ٽيم جي گول ڪيپر عمران بٽ باقائده رٽائرمنٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

ڀارت ۾ منعقد ٿيل هاڪي ورلڊڪپ ۾ ٽيم جي بري ڪارڪردگي بعد ٽيم منيجمنٽ هڪ-هڪ ڪري سڀ عهديدار استعفيٰ ڏئي گهر هليا ويا آهن ۽ اهڙي صورتحال بعد ٽيم جي گول ڪيپر پڻ رٽائرمنٽ جو اعلان ڪيو آهي.

عمران بٽ چيو ته جونيئر رانديگرن کي موقعو فراهم ڪرڻ لاءِ رٽائرمنٽ ورتي آهي ، سينيئر پليئرز کي ٽيم مان ڪڍڻ سان قومي ٽيم جي ڪارڪردگي ۾ بهترين اچي ٿي ته ضرور ايئن ڪرڻ گهرجي.

——————-

پاڪستان ڪرڪيٽ بورد جي چيئرمين احسان ماني چيو آهي ته پي ايس ايل ميڊيا رائيٽس ۽ لائيو اسٽريمنگ جي حوالي سان پنهنجي مقصدن کي حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهيون.

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پي ايس ايل جي ايندڙ ٽن ايڊيشنز جا ميڊيا رائيٽس بلٽس ايڊورٽائزنگ ۽ ٽيڪ فرنٽ کي ڏئي ڇڏيا آهن.

پي سي بي اهي حق ميڊيا گروپ کي 2019کان 2021 تائين جي پي ايس ايل جي ايڊيشنز تائين ڏنا آهن ۽ طئه ٿيل معاهدي جي ماليت کي ظاهر نه ڪيو ويو آهي.

——————

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*