ڪيمپ جيل لاهور ۾ گذريل ڏينهن فوت ٿيندڙ سرگوڌا يونيورسٽي چيف ايگذيڪيوٽو آفيسر ميان جاويد جو پوسٽ مارٽم اڄ ڪيو ويندو

ڪيمپ جيل لاهور ۾ گذريل ڏينهن فوت ٿيندڙ سرگوڌا يونيورسٽي چيف ايگذيڪيوٽو آفيسر ميان جاويد جو پوسٽ مارٽم اڄ ڪيو ويندو.

 ميان جاويد کي نيب سرگوڌا يونيورسٽي جا غيرقانوني ڪيمپسز کولڻ جي الزام ۾ جاري سال آڪٽوبر ۾ گرفتار ڪيو هو.

 وفات کانپوءِ ميان جاويد جون هٿڪڙيون لڳل تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيون، جنهن تي عوامي ۽ سياسي حلقن ڏک ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪيو هو.

 جنهن تي وزيراعليٰ پنجاب عثمان بوزدار آءِ جي پنجاب کان واقعي جي رپورٽ طلب ڪئي هئي، جڏهن ته سينيٽ جي انساني حقن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي  به واقعي جو نوٽيس ورتو آهي.

 چيئرمين مصطفيٰ نواز کوکر واقعي جو نوٽيس وٺندي چيئرمين ڊي جي نيب  ۽ پنجاب جي آءِ جي جيلز کي ذاتي طور تي طلب ڪري ورتو آهي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*