پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار چيو آهي ته ملڪي ترقي ۾ عورتن کي عمل جي ميدان ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻو آهي

پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار چيو آهي ته ملڪي ترقي ۾ عورتن کي عمل جي ميدان ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻو آهي، کين مک ڌارا ۾ شامل ڪرڻ لاءِ پُر عزم آهيون.

 پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار ورڪنگ وومين جي حقن جي قومي ڏينهن تي پيغام ۾ چيو آهي ته اسلام عورتن کي جن حقن سان نوازيو آهي، ان جو مثال نه ٿو ملي، عورتن کي سماجي مک ڌارا ۾ شامل ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهيون.

وڏي وزير عثمان بوزدار وڌيڪ چيو آهي ته عورتن کي حق ڏيڻ ۽ با اختيار بڻائڻ جو خواب ساڀيان ٿيندو ۽ عورتن کي ملڪ جي ترقي لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻو آهي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*