ڪراچي جي بوٽ بيسن واري علائقي ۾ پوليس ڇوڪرين کي آئس نشو وڪرو ڪندڙ هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو

ڪراچي جي بوٽ بيسن واري علائقي ۾ پوليس ڇوڪرين کي آئس نشو وڪرو ڪندڙ هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو، ايس ايس پي پير محمد شاهه جو چوڻ آهي ته  جوابدار جي قبضي مان  15 گرام آئيس نشو هٿ ڪيو ويو آهي.

ايس ايس پي پير محمد شاهه جو چوڻ آهي ته ڊفينس واري علائقي ۾ ڇوڪرين کي آئس نشو وڪڻندڙ جوابدار  کي  گرفتار ڪيو ويو آهي.

ايس ايس پي ڏکڻ پير محمد شاهه  جو چوڻ آهي ته بوٽ بيسن مان گرفتار جوابدار ناظم الدين بروهي حب مان آئس نشو 500 رپيا گرام جي حساب سان خريد ڪري ڊفينس ۾ 1500 رپيا گرام جي حساب سان وڪرو ڪندو هو.

هوڏانهن ڊاڪس پوليس شهر جي مختلف علائقن ۾ ڪارروايون ڪندي ڦر جي وارداتن ۾ ملوث چئن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

 پوليس موجب گرفتار جوابدارن جي قبضي مان هڪ ڦر ڪيل موٽر سائيڪل ۽ هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن، جن کان وڌيڪ پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*