نيب ملير ندي جي زمين غير قانوني طور الاٽ ڪرڻ واري جاچ ۾ اڳوڻي وڏي وزير قائم علي شاهه کي نوٽيس جاري ڪندي 26 ڊسمبر تي طلب ڪري ورتو

نيب ملير ندي جي زمين غير قانوني طور الاٽ ڪرڻ واري جاچ ۾ اڳوڻي وڏي وزير قائم علي شاهه کي نوٽيس جاري ڪندي 26 ڊسمبر تي طلب ڪري ورتو، قائم علي شاهه ضمانت لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي.

 نيب ڪراچي جي ڊفينس واري علائقي ۾ ملير ندي کي سوڙهو ڪري غير قانوني طور زمين الاٽ ڪرڻ بابت جاچ ڪري رهي آهي.

نيب اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه کي نوٽيس جاري ڪندي 26 ڊسمبر تي طلب ڪري ورتو آهي.

نيب جي نوٽيس کانپوءِ اڳوڻي وڏي وزير قائم علي شاهه ضمانت جي لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*