ٿر ۾ خوراڪ جي کوٽ ۽ ٻين بيمارين سبب گلن جهڙن معصوم ٻارن جي فوت ٿيڻ جو سلسلو رڪجي نه سگهيو

ٿر ۾ خوراڪ جي کوٽ ۽ ٻين بيمارين سبب گلن جهڙن معصوم ٻارن جي فوت ٿيڻ جو سلسلو رڪجي نه سگهيو، سول اسپتال مٺي ۾ وڌيڪ  3 ٻارڙا فوت ٿي ويا، هلندڙ مهيني جي 22 ڏينهن دوران فوت ٿي ويل ٻارن جو انگ وڌي 47 ٿي ويو.

ڳوٺ ٽوڀاريو جي رهواسي سانوڻ جوڻيجو جو چئن سالن جو پٽ مزمل، ساڳي ڳوٺ ۾ ميوو جوڻيجو جو هڪ سال جو پٽ  ۽ مٺي واسي امجد حجام جو هڪ ڏينهن تارو ڄاول پٽ فوت ٿي ويا آهن.

هلندڙ مهيني جي 22 ڏينهن دوران فوت ٿي ويل ٻارن جو انگ وڌي 47 ٿي ويو، پوڻا ٻارنهن مهينن دوران فوت ٿي ويل ٻارن جو انگ وڌي 644 ٿي ويو آهي.

رهواسين چيو ته خوراڪ جي کوٽ ۽ سرڪاري اسپتالن ۾ دوائن جي کوٽ سبب پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهيون.

هنن چيو ته سرڪاري اسپتال ۾ کين دوائن سميت ٻيون طبي سهولتون فراهم ڪري سندن ٻچن جون قيمتي زندگيون بچايون وڃن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*