مسلم ليگ نواز جي ترجمان مريم اورنگزيب وفاقي وزير فواد چوڌري جي ٽوئيٽ تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته لاش تي سياست فواد چوڌري ئي ڪري سگهي ٿو

مسلم ليگ نواز جي ترجمان مريم اورنگزيب وفاقي وزير فواد چوڌري جي ٽوئيٽ تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته لاش تي سياست فواد چوڌري ئي ڪري سگهي ٿو، شهباز شريف جي صحت بابت مجرماڻي دير ڪئي وئي، پروفيسر ميان جاويد جي فوت ٿيڻ واري سانحي کانپوءِ هوشياري ڏيکاري پئي وڃي.

 مسلم ليگ نواز جي مرڪزي ترجمان سڌسماءَ جي وفاقي وزير فواد احمد چوڌري جي تازو جاري ڪيل ٽوئيٽ تي پنهنجو رد عمل ڏيندي چيو آهي ته لاش تي سياست فواد چوڌري ئي ڪري سگهي ٿو.

مريم اورنگزيب چيو آهي ته  فوت ٿي ويل شخص جي باري ۾ اهڙي قسم جو بيان بيمار ذهينت ۽ بي حسي جي انتها آهي.

هن چيو ته نيب کي ڪنهن فرد جي سماجي مرتبي، عزت، بيماري ۽ زندگي سان ڪا دلچسپي ناهي، ميان جاويد جو هٿڪڙي لڳل لاش جو تازو سانحو ان ڳالهه جو ثبوت آهي.

 هن وڌيڪ چيو ته ميان شهباز شريف جي صحت بابت 9 رڪني ميڊيڪل بورڊ جي تجويزن تي مجرماڻي دير جو مظاهرو ڪيو ويو، پروفيسر ميان جاويد جي فوت ٿيڻ بعد عوامي تنقيد کان بچڻ لاءِ هاڻي  هوشياري ڏيکاري پئي وڃي.

 مريم اورنگزيب جو چوڻ هو ته مجرماڻو رويو سامهون اچڻ تي نيب شهباز شريف جي طبي چڪاس جي درخواست کي پر لڳائي ڇڏيا آهن……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*