ايم ڪيو ايم جي اڳوڻي اڳواڻ فاروق ستار چيو آهي ته حڪومت جي غلط پاليسين سبب معيشت تي وزن وڌي رهيو آهي

ايم ڪيو ايم جي اڳوڻي اڳواڻ فاروق ستار چيو آهي ته حڪومت جي غلط پاليسين سبب معيشت تي وزن وڌي رهيو آهي ۽ ماڻهو بيروزگار ٿي رهيا آهن.

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيشي بعد ميڊيا سان ڳالهائندي فاروق ستار جو چوڻ هو ته ٻاهران قرض وٺڻ ۽ فرمائشون پوريون ڪرڻ سان پاڪستاني معيشت جو ڪوبه ڪردار نه رهندو.

فاروق ستار جو چوڻ هو ته گئس ۽ بجلي جا اگهه آسمان تي آهن، سي اين جي اسٽيشنز به بند ٿي رهيا آهن.

فاروق ستار چيو ته هن صورتحال ۾ معيشت بحال نه ٿي سگهندي، پيداوار ختم ٿي رهي آهي ۽ صنعتون بند ٿيڻ شروع ٿي ويون آهن .

هڪ سوال جي جواب ۾ فاروق ستار جو چوڻ هو ته ايم ڪيو ايم جو ايندڙ مستقبل ڪارڪنن جي حوالي آهي، ڪارڪن پنهنجو فيصلو پاڻ ڪن…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*