عمرڪوٽ ضلعي جي ڏڪار متاثر ڄاڻايل 25 ديھن جي متاثرن جا اھنج نه گھٽيا

عمرڪوٽ ضلعي جي ڏڪار متاثر ڄاڻايل 25 ديھن جي متاثرن جا اھنج نه گھٽيا، سول اسپتال ۾ وڌيڪ 2 ٻارڙا فوت ٿي ويا، ٽن ھفتن ۾ فوت ٿي ويل ٻارن جو انگ وڌي 7 ٿي ويو.

سول اسپتال ۾  بيماري سبب 10 مھينن جي ٻارڙي شانتي ۽ 6 سالن جو ٻارڙو ڪلديپ فوت ٿي ويا، جڏھن ته 15 کان وڌيڪ ٻارڙا اسپتال ۾ داخل ٿيل آھن.

اسپتال ۾ داخل ٻارن ۾ ٻن سالن جو احمد، 4 سالن جي درگا،7 مھينن جو سنيل، 6 سالن جي شريفان، ٻن سالن جي جمال سميت ٻيا شامل آھن.

رهواسين چيو ته اسپتال ۾ دوائن سميت ٻيون صحت جون سهولتون نه ملي رهيون آهن، جنهن ڪري سندن بار فوت ٿي رهيا آهن.

هنن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته کين دوائن سميت ٻيون صحت جون سهولتون فراهم ڪري سندن ٻچن جون زندگيون بچايون وڃن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*