قمبر کي ضلعي جو درجو ڏيارڻ لاءِ  ڪيل جدوجهد دوران پوليس فائرنگ ۾ شهيد ڪيل 4 شهري جي 14 هين ورسي ملهائي وئي

قمبر کي ضلعي جو درجو ڏيارڻ لاءِ  ڪيل جدوجهد دوران پوليس فائرنگ ۾ شهيد ڪيل 4 شهري جي 14 هين ورسي ملهائي وئي.

14 سال اڳ پوليس فائرنگ ڪري 4 شهرين استاد مدد علي مگسي، ناصر خانزاده رياض ٻرڙو ۽ عبدالفتاح تنيو کي شهيد ڪري ڇڏيو هو.

 شهيدن جي 14 هين ورسي موقعي تي يادگار شهداءِ ڪميٽي ۽ ضلعو سينگاريو ڪميٽي طرفان ڌار ڌار جلسا ڪيا ويا، شهرين طرفان شهيدن جي مزارن تي گلن جون چادرون چاڙهيون ويون.

ان موقعي تي ڪامريڊ نظير تنيو، شهبان شيخ ۽ ٻين چيو ته قمبر ضلعو 4 شهيدن جي قربانين عيوض مليو آهي، پر ضلعي سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو پيو وڃي.

 هن وقت تائين انفرا اسٽرڪچر به مڪمل ٿي نه سگھيو آهي، ضلعي هيڊ ڪواٽر واري شهر ۾ ڪوبه رانڊين جو ميڊان نه آهي نه ئي وري روڊن رستن ۽ صحت جون سهولتون آهن.

 هنن سرڪار کان مطالبو ڪيو ته بنيادي مسئلا حل ڪري شهيدن جي وارثن کي نوڪريون ڏنيون وڃن، ٻئي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*