نيب لاهور احتساب عدالت ۾ آشيانا هائوسنگ اسڪينڊل ڪيس ۾ ضمني ريفرنس داخل ڪرائي ڇڏيو

نيب لاهور احتساب عدالت ۾ آشيانا هائوسنگ اسڪينڊل ڪيس ۾ ضمني ريفرنس داخل ڪرائي ڇڏيو، عدالت شهباز شريف سميت 13 جوابدارن کي نوٽيس جاري ڪندي 3 جنوري تي طلب ڪري ورتو.

نيب آشيانا اقبال هائوسنگ اسڪينڊل ريفرنس ۾ شهباز شريف، فواد حسن فواد، احد چيما سميت 13 ڄڻن کي نامزد ڪندي ريفرنس احتساب عدالت لاهور ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو.

احتساب عدالت لاهور جي جج نجم الحسن شهباز شريف سميت سمورن 13 جوابدارن کي 3 جنوري تي طلب ڪري ورتو.

ضمني ريفرنس ۾ شهباز شريف، فواد حسن فواد، احد چيما، نديم ضياءَ، ڪامران ڪياني، شاهد شفيق، منير ضياءَ خالد حسن، علي ساجد، چوڌري شفيق ۽ امتياز حيدر جا  نالا  شامل آهن.

ضمني ريفرنس موجب، پي ايل ڊي سي ڊسمبر 2013 ۾ آشيانا اقبال پراجيڪٽ تي ڪم ڪري رهي هئي، شهباز شريف آڪٽوبر 2014 ۾ پي ايل ڊي سي کي غير قانوني حڪم جاري ڪيو ۽ مارچ  ۾ پراجيڪٽ جو دورو ڪيو.

ضمني ريفرنس موجب، شهباز شريف غيرقانوني حڪم ڏيندي پي ايل ڊي سي کي ڪم روڪڻ جو حڪم به ڏنو.

ضمني ريفرنس هڪ هزار کان وڌيڪ صفحن تي ٻڌل آهي، جنهن ۾ شهباز شريف، احد چيما، فواد حسن فواد کي نامزد ڪيو ويو آهي…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*