اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ نواز شريف جي پهچڻ دوران نواز ليگ ڪارڪنن ۽ پوليس اهلڪارن ۾ چڪريون ٿيون

اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ نواز شريف جي پهچڻ دوران نواز ليگ ڪارڪنن ۽ پوليس اهلڪارن ۾ چڪريون ٿيون، پوليس اهلڪارن ڳوڙها آڻيندڙ گئس جو استعمال ڪيو.

نواز شريف جي گاڏي جيئن ئي احتساب عدالت جي احاطي ۾ داخل ٿي ته ڪارڪنن گاڏي سان گڏ اندر عدالت ۾ وڃڻ جي ڪوشش ڪئي.

پوليس جي روڪڻ تي ڪارڪنن پٿراءُ شروع ڪري ڏنو، جنهن کانپوءِ پوليس اهلڪارن ڪارڪنن کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ ڳوڙها آڻيندڙ گئس جو استعمال ڪيو.

سيڪيورٽي اهلڪارن صرف نواز شريف جي گاڏي کي اندر عدالت ۾ وڃڻ ڏنو، جڏهن ته ڪارڪنن کي ٻاهر روڪيو ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*