پاڪستان جي ناليواري ور اسٽائل اداڪار معين اختر جي اڄ 68 هين سالگرهه ملهائي پئي وڃي

پاڪستان جي ناليواري ور اسٽائل اداڪار معين اختر جي اڄ 68 هين سالگرهه ملهائي پئي وڃي، مداحن طرفان عظيم اداڪار کي ڀيٽا پيش ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي.

 بي مثال فنڪار، ليجنڊ اداڪار معين اختر 24 ڊسمبر 1950 ع تي ڪراچي ۾ پيدا ٿيو ۽ 60 واري ڏهاڪي ۾ فني سفر جي شروعات ڪئي.

 معين اختر سنجيده توڙي مزاحيه اداڪاري  ۽ ڪمپئيرنگ سميت فن جي مختلف شعبن ۾ وڏو نالو ڪمايو، جنهن سبب کيس ور اسٽائل اداڪار طور ياد ڪيو ويندو آهي.

 معين اختر جي مشهور ڊرامن ۾ روزي، نوڪر ڪي آگي چاڪر، رفتا رفتا ۽ ٻيا ڊراما شامل آهن، جڏهن ته معين اخترشو، لُوز ٽاڪ  ۽ فيملي نائِنٽِي ٿِري سندس بهترين ٽي وي شوز ۾ شمار ڪيا ويندا آهن.

  معين اختر جي جوڙي ناليواري ليکڪ انور مقصود سان ڪافي مشهور هئي، 1996ع ۾ حڪومت طرفان شاندار پرفارمنس تي مڃتا طور کيس پرائڊ آف پرفارمنس  ايوارڊ سان نوازيو ويو.

 معين اختر 22 اپريل 2011ع تي ڪراچي ۾ دل جو دورو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو،  پر هو مداحن کان وسري نه سگهيو آهي، کيس سالگرهه تي ڀيٽا پيش ڪئي پئي وڃي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*