پيپلزپارٽي جي اڳواڻ قمر زمان ڪائره چيو آهي ته اسان جي ڪا به غلطي نه آهي

پيپلزپارٽي جي اڳواڻ قمر زمان ڪائره چيو آهي ته اسان جي ڪا به غلطي نه آهي، اهو عدالت ۾ ثابت ڪنداسين، الزام اربين رپين جو آهي پر بل هزارن جا پيش ڪيا ويا، عدالتي حڪم آهي ته رپورٽ فيصلي تائين پڌري نه ڪئي وڃي پر اسان انهيءَ رپورٽ جو ڳچ حصو ميڊيا تان ٻڌي چڪا آهيون.

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي قمر زمان ڪائره چيو ته الزام اربين رپين جو آهي، پر بل هزارن جا پيش ڪيا ويا آهن، رپورٽ ۾ 15 هزار رپين جِي نيرن جو ذڪر ڪيو ويو آهي.

پيپلزپارٽي جي اڳواڻ  چيو ته، اسان جيڪو ڪجهه جي آءِ ٽي کي ٻڌايو هو، اهو جي آءِ ٽي عدالت ۾ ناهي ٻڌايو.

هن چيو ته، جي آءِ ٽي عدالتي فيصلي جو مذاق اڏايو، اهڙو تاثر ڏنو ويو جو اسان گناهگار هجون.

هن چيو ته، رپورٽ ۾ اسان جي لاءِ ڪجهه نئون نه هو، انهيءَ رپورٽ جو وڏو حصو اسان ميڊيا ذريعي ٻڌي چڪا آهيون،

هن چيو ته عدالت جو حڪم آهي ته فيصلي تائين ڪا به رپورٽ ميڊيا تائين نه وڃڻ گهرجي، پر اسان کي رپورٽ بابت گهڻو ڪجهه ميڊيا تان معلوم ٿيو.

قمر زمان ڪائره چيو ته، سپريم ڪورٽ کي فيصلو ڪرڻو آهي ته پاڻ کي ٽرائل ڪورٽ بڻائي ٿي يا نه؟

پيپلزپارٽي جي اڳواڻ چيو ته جي آءِ ٽي جي رپورٽ تي تبصرو اسان جا وڪيل ڪندا، شاهد حامد استدعا ڪئي آهي ته معاملو ٽرائل ڪورٽ ڏانهن موڪليو وڃي.

قمر زمان ڪائره چيو ته ڪرسي تي ويٺل هر شخص کي اها پڪ هوندي آهي هو مسئلا حل ڪري ڇڏيندو………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*