سنڌ هاءِ ڪورٽ ڊاڪٽر عارف علوي جي صدرِ مَمَلِڪَتَ چونڊجڻ خلاف درخواست تي واڳيل ڌرين کان جواب طلب ڪري ورتو

سنڌ هاءِ ڪورٽ ڊاڪٽر عارف علوي جي صدرِ مَمَلِڪَتَ چونڊجڻ خلاف درخواست تي واڳيل ڌرين کان جواب طلب ڪري ورتو.

 سنڌهاءِ ڪورٽ ۾ عارف علوي جي صدر پاڪستان چونڊجڻ خلاف داخل ڪيل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي وئي، جنهن ۾ وفاقي حڪومت، اِليڪشن ڪمِيشن ۽ ٻين کي ڌُر طور ڄاڻايو ويو.

 ٻڌڻي دوران عدالت ۾ درخواست گذار موقف اختيار ڪيو ته ڊاڪٽر عارف علوي علويه ٽرسٽ جو ٽرسٽي آهي، 1977ع کان عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ ڪيس ۾ 3 ڀيرا عارف علوي حلف نامي ۾ غلط بياني ڪئي.

 عدالت درخواست تي فوري ٻڌڻي جي استدعا منظور ڪندي واڳيل ڌُرين کان هڪ جنوري تائين جواب طلب ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*