نواز ليگ اڳواڻ مريم نواز چيو آهي ته اڍائي سالن جي انتقام واري احتساب ۾ هڪ پائي جي ڪرپشن ثابت نه ٿي

نواز ليگ اڳواڻ مريم نواز چيو آهي ته اڍائي سالن جي انتقام واري احتساب ۾ هڪ پائي جي ڪرپشن ثابت نه ٿي، هڪ ئي شخص کي چوٿون ڀيرو سزا انڌي انتقام جي آخري هڏڪي آهي.

اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي فيصلي بعد سندس ڌيءُ مريم نواز چيو ته  هڪ ئي شخص کي چوٿون ڀير سزا ڏني وئي، جيڪا انتقام جي آخري هڏڪي آهي.

هن چيو ته انتقم واري احتساب باوجود آخري فتح نوازشريف جي ئي ٿيندي.

نوازشريف جي ڌيءُ مريم نواز چيو ته اڍائي سالن تائين انتقام جهڙي احتساب باوجود هڪ پائي جي ڪرپشن ثابت نه ٿي آهي.

هن چيو ته 3 نسلن جي جاچ ٿي پر ان باوجو نه ڪڪ بيڪس ثابت ٿيو ۽ نه ئي ڪميشن ثابت ٿي.

مريم نواز چيو ته اڄ جو فيصلو نوازشريف جي امانت، صداقت ۽ ديانت تي هڪ ٻيو ٺپو آهي.

نواز ليگ اڳواڻ چيو ته العزيزيه ريفرنس ۾ به ڪجهه غلط نه مليو ته مفروضن تي سزا ٻڌائي وئي.

مريم نواز چيو ته جيترا به فيصلا آيا  آهن، اهي نوازشريف جي مرحوم والد جي ذاتي ڪاروبار متعلق آيا آهن………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*