پنجاب جي گهرو سيڪريٽري فيصل اصغر چيو آهي ته سينيٽرل جيل ڪوٽ لکپت ۾ نوازشريف لاءِ بي ڪلاس جو ڪمرو تيار  ڪيو ويو آهي

پنجاب جي گهرو سيڪريٽري فيصل اصغر چيو آهي ته سينيٽرل جيل ڪوٽ لکپت ۾ نوازشريف لاءِ بي ڪلاس جو ڪمرو تيار  ڪيو ويو آهي،  امن امن جي صورتحال خراب ڪندڙن خلاف سختي سان ڪارروائي ڪئي ويندي.

نوازشريف جي ڪوٽ لکپت جيل منتقلي تي بيان جاري ڪندي فيصل اصغر چيو ته سينيٽرل جيل ڪوٽ لکپت ۾ نوازشريف لاءِ بي ڪلاس جو ڪمرو تيار آهي.

هن چيو ته، نوازشريف جي ڪمري ۾ ٽيلي وزن، هنڌ، ڪمبل، هيٽر، ڪرسي ۽ ميز رکي وئي آهي.

پنجاب جي گهرو سيڪريٽري چيو ته نوازشريف ۽ شهباز شريف کي هڪ ئي ڪمپائونڊ ۾ ڌار ڌار ڪمرن ۾ رکيو ويندو.

پنجاب جي گهرو سيڪريٽري چيو ته نوازشريف کي هڪ مشقتي فراهم ڪرڻ سان گڏ گهر مان کاڌو گهرائڻ جي سهولت ڏني وئي آهي.

پنجاب جي گهرو سيڪريٽري چيو ته پنجاب ۾ زيرو ٽالرينس پاليسي تي عمل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

فيصل اصغر چيو ته، ڀڃ ڊاهه ڪندڙن خلاف دهشتگردي جا ڪيس داخل ڪيا ويندا، امن ۽امان جي صورتحال خراب ڪندڙن کي سختي سان منهن ڏنو ويندو.

پنجاب جي گهرو سيڪريٽري  چيو ته امن امان جي حوالي سان ڪمشنر ۽ آر پي او کي خصوصي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*