بلوچستان جي علائقي زيارت ۾ قائداعظم ريزيڊنسي ۾ تقريب دوران بلوچستان جي وڏي وزير قومي جهنڊو ڦڙڪايو

بلوچستان جي علائقي زيارت ۾ قائداعظم ريزيڊنسي ۾ تقريب دوران بلوچستان جي وڏي وزير قومي جهنڊو ڦڙڪايو.

بلوچستان جي علائقي زيارت ۾ قائداعظم جي جنم ڏهاڙي جي موقعي تي زيارت ۾ قومي جهنڊو ڦڙڪائڻ واري تقريب منعقد ڪئي وئي.

تقريب ۾ وڏو وزير ڄام ڪمال، ڪمانڊر سدرن ڪمانڊ ليفٽيننٽ جنرل عاصم سليم باجوه، آءِ جي ايف سي، قومي اسيمبلي جو ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري، وزير ۽ قومي اسيمبلي جا ميمبر شريڪ هئا.

تقريب دوران بلوچستان جي وڏي وزير  ڄام ڪمال قومي جهنڊو ڦڙڪايو.

ان موقعي تي ايف سي ۽ پوليس جي چست دستي مهمانن کي سلامي پيش ڪئي………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*