سپريم ڪورٽ پائليٽس ۽ ڪيبن ڪريو جي جعلي ڊگرين واري ڪيس ۾ 28 ڊسمبر تائين ڊگرين جي تصديق جو عمل مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

سپريم ڪورٽ پائليٽس ۽ ڪيبن ڪريو جي جعلي ڊگرين واري ڪيس ۾ 28 ڊسمبر تائين ڊگرين جي تصديق جو عمل مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته درست ڊگريون فراهم نه ڪندڙن کي برطرف ڪيو وڃي.

سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ چيف جسٽس ميان ثاقب نثار جي سربراهي ۾ بينچ پائليٽس جي جعلي ڊگرين واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

سول ايوي ايشن عدالت کي ٻڌايو ته سرگوڌا بورڊ 70 مان 26 ڊگرين جي تصديق ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته ملتان بورڊ 161 ڊگرين جي تصديق ڪئي.

سول ايوي ايشن عدالت کي ٻڌايو ته فيصل آباد بورڊ 89 ڊگرين جي تصديق ڪئي آهي، جڏهن ته ڪيتريون اهڙيون ڊگريون آهن، جن جي تصديق نه ٿي ڪري سگهجي.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته واضح ڊگريون فراهم نه ڪندڙن کي برطرف ڪيو وڃي.

سپريم ڪورٽ 28 ڊسمبر تائين  پائليٽس ۽ ڪيبن ڪريو ملازمن جي ڊگرين جي تصديق ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*