خيرپختونخواهه جي علائقي مردان ۾ پرائمري اسڪول جو استاد سيار گم ٿي ويو آهي

خيرپختونخواهه جي علائقي مردان ۾ پرائمري اسڪول جو استاد سيار گم ٿي ويو آهي، جنهن جو هن وقت تائين پتو پئجي نه سگهيو آهي، وارثن جو چوڻ آهي ته سيار خان آچر ڏينهن کان لاپتا آهي.

مردان ۾ لنڊاڪي کان پرائمري اسڪول ويندڙ استاد سيار ولد نوشادخان گم ٿي ويو، ٻه ڏينهن گذرڻ باوجود سندس پتو پئجي نه سگهيو آهي.

گم ٿيل استاد جي چاچي چيو ته سيار ٻه ڏينهن اڳ گهر مان موٽرسائيڪل تي ويو هو، جنهن جو پتو پئجي نه سگهيو آهي.

ڊاڪٽر عبدالله چيو ته سندن ڪنهن سان به ڪا دشمني نه آهي انتظاميا فوري طور استاد جو پتو لڳائي………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*