سپريم ڪورٽ خانگي يونيورسٽيز جي قانوني حيثيت بابت ڪيس ۾ قانون ۽ صحت واري وزير کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو

سپريم ڪورٽ خانگي يونيورسٽيز جي قانوني حيثيت بابت ڪيس ۾ قانون ۽ صحت واري وزير کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو، چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو  آهي ته وزيرن کي گهرايو ته هتي اچي ڪم ڪن، قائداعظم جي جنم ڏهاڙي جي موڪل نه ملهائن، قائداعظم چيو هو ته ڪم، ڪم ۽ رڳو ڪم ڪيو……

سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ چيف جسٽس جي سربراهي ۾ خانگي يونيورسٽيز جي قانوني حيثيت بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.

سرڪاري وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته خانگي يونيورسٽيز جي قانوني حيثيت بابت ڪميٽيون جوڙيون ويون آهن.

سرڪاري وڪيل چيو ته انهن ڪميٽيز جو اجلاس 28 ڊسمبر تي ٿيندو، جنهن دوران يونيورسٽين جي معاملي تي غور ويچارڪيو ويندو.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته وزير پيش ٿي خانگي يونيورسٽيز جي منظوري بابت تفصيل ٻڌائن، هي ڪميٽيون سڄو سال ڪم ڪنديون آهن پر اسان کي حتمي رپورٽ ڏني وڃي.

چيف جسٽس چيو ته وزيرن کي گهرايو ته هتي اچي ڪم ڪن، قائداعظم جي موڪل نه ملهائن، قائداعظم چيو هو ته ڪم، ڪم رڳو ڪم.

چيف جسٽس چيو ته جن ماڻهن زندگي داءُ تي لڳائي ملڪ کي ٺاهيو، اسان انهن کي موڪل ڪري ياد ڪندا آهيون، اسان اڄ ڪم ڪري قائداعظم کي خراج عقيدت پيش ڪري رهيا آهيون.

سپريم ڪورٽ قانون ۽ صحت واري وزير کي طلب ڪري ورتو……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*