لياري جي ڪلاڪوٽ واري علائقي ۾ پوليس ۽ رينجرز گڏيل ڪارروائي ڪري گينگ وار امجد 302 کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي

لياري جي ڪلاڪوٽ واري علائقي ۾ پوليس ۽ رينجرز گڏيل ڪارروائي ڪري گينگ وار امجد 302 کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

ايس ايس پي سٽي مقدس حيدر چيو آهي ته لياري جي ڪلاڪوٽ واري علائقي ۾ پوليس ۽ رينجرز گڏيل ڪارروائي ڪري گينگ وار غفار ذڪري گروپ جي اهم ڪمانڊر امجد 302 کي گرفتار ڪيو آهي.

هن چيو ته گرفتار جوابدار وٽان ڪلاشنڪوف ۽ دستي بم هٿ ڪيا ويا آهن.

ايس ايس پي سٽي مقدس حيدر چيو ته جوابدار کان وڌيڪ پڇا ڳاڇا جاري آهي، اهم انڪشاف ڪري سگهي ٿو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*