سپريم ڪورٽ کوکر ڀائرن واري ڪيس ۾ شفيع کوکر کي ڊي جي اينٽي ڪرپشن جي حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

سپريم ڪورٽ کوکر ڀائرن واري ڪيس ۾ شفيع کوکر کي ڊي جي اينٽي ڪرپشن جي حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته جن آفيسرن کوکر ڀائرن جي زمين استعمال ڪئي آهي، ڪٿي مقرر آهي،  ٻن ڪلاڪن ۾ شفيع کوکر جي بايو ڊيٽا تيار ڪري پيش ڪئي وڃي، اهي سڀ مليل هوندا آهن، غريب ۽ مستحق ماڻهن کي ملڪيتن کان محروم رکيو ويندو آهي.

سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ ايم اين اي افضل نديم کوکر ۽ ايم پي اي سيف الملوڪ کوکر خلاف زمينن تي قبضي خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.

ٻڌڻي دوران چيف جسٽس پڇا ڪئي ته کوکر ڀائرن جي زمين استعمال  ڪندڙ آفيسر ڪٿي مقرر ٿيل آهن؟ رپورٽ پيش ڪئي وڃي.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته شفيق کوکر اوهان علائقا جا منصف بڻيل آهيو ۽ قبضا به ڪندا آهيو.

ايل ڊي اي آفيسر چيو ته کوکر ڀائرن جي ايل ڊي اي زمين تي تعمير ٿيل مارڪيٽ  خلاف آپريشن ڪندڙ سمورن آفيسرن کي معطل ڪيو ويو آهي.

جنهن تي چيف جسٽس چيو ته سڀ مليل آهن، غريب ۽ مسڪين ماڻهن کي ملڪيتن کان محروم رکيو پيو وڃي.

چيف جسٽس چيو ته هي طاقتور ماڻهو هئا، جنهن سبب 2013 ع ۾ غيرقانوني زمين جو استعمال ڪيو ويو. غريب ماڻهن کي ملڪيتن کان محروم رکندڙ آفيسرن کي نه ڇڏينداسين.

چيف جسٽس چيو ته اهي آفيسر جتي به مقرر آهن، انهن جو پتو لڳايو وڃي، اهي ايترا طاقتور آهن جو انهن خلاف ڪير ڳالهائيندو آيه ته انهن کي مارائي ڇڏيندا آهن.

چيف جسٽس چيو ته ڊي جي اينٽي ڪرپشن سپريم ڪورٽ ۾ ئي شفيع کوکر کان جاچ ڪري رپورٽ پيش ڪري.

چيف جسٽس چيو ته اوهان پريشان نه ٿيو، اوهان کي گرفتار نه پيو ڪيو وڃي، رڳو ڊي اوهان کان پڇا ڪرڻي آهي، جنهن تي شفيع کوکر چيو ته مون کي انصاف جي اميد آهي.

چيف جسٽس انصاف به ٿيندو ۽ڦاهي به هن عدالت مان لڳندي، اڄ ڏينهن تائين جيڪو ڪندا رهيا آهيو، ان تي اوهان کي خدا جو خوف نه آيو.

چيف جسٽس چيو ته مان اوهان کي شروع کان ڄاڻيان ٿو، ٻڌايو ته ارب پتي ڪيئن بڻيا آهيون، اوهان علائقا جا بادشاهه بڻيل هئا، اوهان خلاف ماڻهو عدالت اچڻ کان ڊڄندا هئا.

عدالت  شفيع کوکر کي ڊي جي اينٽي ڪرپشن حوالي ڪري ڇڏيو………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*