ڪراچي جي ڪينٽ اسٽيشن تي وفاقي وزير شيخ رشيد احمد ۽ گورنر عمران اسماعيل مال گاڏي جو افتتاح ڪري ڇڏيو

ڪراچي جي ڪينٽ اسٽيشن تي وفاقي وزير شيخ رشيد احمد ۽ گورنر عمران اسماعيل مال گاڏي جو افتتاح ڪري ڇڏيو، ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد چيو ته پاڪستان ريلوي پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت مال گاڏيون هلائيندي، مال گاڏي هر روز 26 سئو ٽن سامان کڻي ڪراچي کان لاهور رواني ٿيندي.

ڪينٽ اسٽيشن تي تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير شيخ رشيد احمد چيو ته 14 سال پهرين ريلوي کاتي کي جنهن هنڌ ڇڏي ويو هيس، اڄ به ريلوي اتي ئي بيٺل آهي.

هن چيو ته ڪراچي کان پشاور تائين ٽريڪ لڳائڻ چين سان ڳالهيون هلي رهيون آهن،پراڻين پٽڙين کي نين لائينن تي آڻينداسين.

شيخ رشيد احمد چيو ته سنڌ کي جاگيردارن ۽ وڏيرن لٽيو آهي، هاڻي سڀني جو حساب ٿيندو.

هن چيو ته ڪراچي ۾ ڪراچي سرڪلر ريلوي به سي پيڪ جو حصو بڻجي وئي آهي، ڌاٻيجي ايڪسپريس کي ميرپوخاص تائين وڌايو ويو آهي.

گورنر عمران اسماعيل چيو ته گذريل 30 سالن دوران پاڪستان تمام گهڻو پوئتي هليو ويو آهي،جن ماڻهن ملڪ کي لٽيو انهن کي معاف نه ڪيو ويندو.

هن چيو ته نيب ۽ ايف آءِ اي حڪومت جي دٻاءَ هيٺ ناهن، ٻئين ادارا ايمانداري سان ڪم ڪري رهيا آهن.

گورنر عمران اسماعيل چيو ته اڄ عوام کي سامان کڻڻ لاءِ سستو ذريعو ملي رهيو آهي، شيخ رشيد ريلوي جي آمدني ۾ اضافو ڪيو آهي.

هن چيو ته جيڪو ڪم اڄ ٿي رهيو آهي اهو ڪيترائي سال پهرين ٿيڻ گهرجي ها، اڳتي هلي عوام کي وڌيڪ خوشخبريون ملنديون.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*