پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي سليڪشن ڪميٽي جي چيئرمين انضمام الحق چيو آهي ته ڏکڻ آفريڪي ٽيم خلا ف جاري ٽيسٽ سيريز ۾ ڪاميابي ڏيارڻ ۾ بيٽسمين اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي سليڪشن ڪميٽي جي چيئرمين انضمام الحق چيو آهي ته ڏکڻ آفريڪي ٽيم خلا ف جاري ٽيسٽ سيريز ۾ ڪاميابي ڏيارڻ ۾ بيٽسمين اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا.

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳوڻي ڪپتان ۽ موجوده سليڪشن ڪميٽي جي چيف سليڪٽر چيو ته قومي ٽيم جي بيٽنگ نيوزيليند خلاف ٽيسٽ سيريز ۾ ساراهه جوڳي نه رهي، جنهن سبب ٽيم کي ٽيسٽ سيريز ۾ شڪست ملي.

هن وڌيڪ چيوته ڏکڻ آفريڪا ۾ رٿيل ٽنهي ٽيسٽ ميچز دوران پچز جي ڪنديشنز  گڏيل عرب امارات جي ڀيٽ ۾ مختلف هونديون ۽ اهي فاسٽ بالرز کي گهڻي سپورٽ ڪنديون.

انضمام الحق جو وڌيڪ چوڻ هو ته قومي ٽيم ۾ فاسٽ بالرز ۽اسپنر جي ڪارڪردگي ساراهه جوڳي رهي آهي، پر ميزبان ٽيم خلاف ٽيسٽ سيريز ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ بيٽسمينن کي زميواري جو مظآهرو ڪرڻو پوندو.

انضمام الحق جو وڌيڪ چوڻ هو ته ٽيسٽ سيريز جي پهرين ميچ ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لازمي هوندي، جنهن بعد ٻن ٽيسٽ ميچز دوران رانديگرن تي دٻاءِ گهٽ هوندو.

——————-

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر چيو آهي ته ڏکڻ آفريڪا خلاف ٽيسٽ سيريز ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ ٽنهي شعبن ۾ رانديگرن کي سخت محنت ڪرڻي پوندي.

گذريل شام ڏکڻ آفريڪي شهر سنچورين ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مڪي آرٿر چيوته  ميزبان ٽيم خلاف ٽيسٽ سيريز ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ سمورن رانديگرن سٺي تياري ڪئي آهي.

هن چيو ته پهرين ٽيسٽ ميچ کان اڳ کيڏي ويل پريڪٽس ميچ دوران سمورن رانديگرن بهتر پرفارمنس جومظاهرو ڪيو.

قومي ٽيم جي هيڊ ڪوچ جو وڌيڪ چوڻ هوته ميزبان ٽيم کي هوم گرائونڊ ۽ هوم ڪرائوڊ جو ايڊوانٽيج حاصل آهي.

مڪي آرٿر جو وڌيڪ چوڻ هو ته ميزبان ٽيم کي ٽيسٽ سيريز ۾ شڪست ڏيڻ لاءِ سمورن رانديگرن کي ٽنهي شعبن ۾ سخت محنت ڪرڻي پوندي، جنهن بعد ٽيم کي فتح حاصل ٿيندي.

——————-

قومي ٽيم جي رڪارڊساز ليگ اسپنر ياسرشاهه کي 2018 جي  سال ۾ هڪ ٻي خوشخبري ملي وئي آهي.

ياسرشاهه جي گهر هڪ پٽ جي پيدائش ٿي آهي، نالي وارو اسپنر هن وقت ٽيسٽ سيريز کيڏڻ لاءِ ڏکڻ آفريڪا ۾ مصروف آهي.

ليگ اسپنر کي ٻئي پٽ جي پيدائش جي خبر فون تي ڏني وئي ۽کيس ٻڌايو ويو ته سندس گهرواري ۽ پٽ ٻئي خيريت سان آهن.

ياسرشاهه جي گهر ۾ پهرين هڪ پٽ ۽ هڪ ڌي جو اولاد آهي ۽هاڻي ٻيو پٽ به پيدا ٿيو آهي.

هلندڙ سال ياسرشاهه ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ گهٽ ميچز کيڏي 200 سو وڪيٽون حاصل ڪري عالمي رڪارڊ پنهنجي نالي ڪيو.

——————

انگلينڊ سان تعلق رکندڙ نالي وارو ڪمنٽيٽر جيفري بائيڪاٽ وڏو عرصو بيمار رهڻ بعد صيحت مند ٿيندي ئي پاڻ کي نوڪري لاءِ ٻهير پيش ڪري ڇڏيو آهي.

تفصيلن مطابق اڳوڻي انگلش ڪرڪيٽر پنهنجي ٽوئيٽر اڪائونٽ تان پنهنجي مداحن کي اگاهه ڪندي چيو آهي ته هو هاڻي مڪمل طور تي فٽ آهي.

هن چيو ته بيماري سبب گذريل ڇهه مهينن دوران کيس مڪمل چيڪ اپس ڪرائڻا هئا ۽ اهي هاڻي مڪمل ٿي ويا آهن.

هن ٽوئيٽ ۾ وڌيڪ چيو ته هو هاڻي مڪمل طور تي فٽ آهي ۽هڪ ڀيرو ٻيهر نوڪري لاءِ دستياب آهي.

——————-

نيوزيلينڊ خلاف ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ ٽِي-ٽوئنٽِي سيريز لاءِ ٽيم جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي ، مهيندر سنگهه ڌوني جي ٽيم۾ واپسي ٿي آهي.

مهيندر سنگهه ڌوني ويسٽ انڊيز ۽ آسٽريليا جي ٽيمن خلاف اهم سيريز ۾ ٽيم ۾ جاءِ ٺاهڻ ۾ ناڪام رهيو، پر کيس ايندڙ سال فيبروري ۾ نيوزيلينڊ خلاف ٽن ميچز تي ٻڌل ٽي-ٽوئنٽي سيريز لاءِ سليڪشن ڪميٽي  ٽيم ۾ شامل ڪيو آهي.

37ورهين جي وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين مهيندر سنگهه ڌوني 93ٽي-ٽوئنٽي انٽرنيشنل ميچز ۾هڪ هزار چار سو 87رنز اسڪور ڪيون آهن.

مهيندر سنگهه ڌوني جي قيادت ۾ ڀارتي ٽِيم 2007۾ پهرين ٽي-ٽوئنٽي ورلڊڪپ ۾ ڪاميابي ماڻي ٽائيٽل حاصل ڪيو هو.

——————

پاڪستان هاڪي سپر ليگ هڪ ڀيرو ٻيهر ملتوي ڪئي وئي آهي، پاڪستان هاڪي فيڊريشن پهريون ايڊيشن مارچ جي ٽيئن هفتي ۾ ڪرائڻ جو منصوبو جوڙيو هو.

پاڪستان هاڪي فيڊريشن ايندڙ سال 12کان 19جنوري تائين پي ايڇ ايس ايل ڪرائڻ جو اعلان ڪيو هو ۽ ان حُوالي سان ٽينڊرز پڻ طلب ڪيا هئا.

ذريعن جو چوڻ آهي ته هڪ ڀيرو شيڊيول مطابق ليگ کي منعقد ڪرائڻ مشڪل ٿي ويو آهي ۽ ان جو وڏو سبب فنڊز جي گهٽتائي آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته 12غيرملڪي رانديگرن پاڪستان هاڪي فيڊريشن کي ايونٽ ۾ شرڪت ڪرڻ جي حامي ڀري آهي.

——————-

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*