حساس جذبن ۽ محبت جي خوشبو کي شعرن ۾ سمائندڙ شاعره پروين شاڪر جي اڄ 24 هين ورسي ملهائي پئي وڃي

حساس جذبن ۽ محبت جي خوشبو کي شعرن ۾ سمائندڙ شاعره پروين شاڪر جي اڄ 24 هين ورسي ملهائي پئي وڃي،  کيس مداحن طرفان ڀيٽا پيش ڪئي پئي وڃي.

 پروين شاڪر  24 نومبر 1952ع تي ڪراچي ۾ جنم ورتو، کيس ننڍي عمر کان ئي شعر لکڻ سان بي حد چاهه هو.

 پروين شاڪر ٻالڪپڻي ۾ ئي مختلف ادبي رسالن ۾ “بينا” جي نالي سان لکڻ جي شروعات ڪئي.

 پروين شاڪر 1972ع ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان ايم اي انگلش ۽ 1980ع ۾ ايم اي لسانيات ۾  پوسٽ گريجوئيشن ڪئي، جڏهن ته بينڪ ايڊمنسٽريشن ۾ پڻ ڊگري حاصل ڪئي.

 پروين شاڪر  1982ع ۾ سي ايس ايس جي امتحان ۾ سڄي ملڪ مان ٻي پوزيشن حاصل ڪئي ۽ کيس ڪسٽمز  ۾ آفيسر طور مقرر ڪيو ويو، ان کان اڳ هو تعليم کاتي ۾ ملازمت ڪندي هئي.

 پروين شاڪر  جو پهريون شعري مجموعو “خوشبو” 1976ع ۾ ڇپيو ۽ تمام گهڻو مشهور ٿيو، انکانپوءِ “انڪار”، “خودڪلامي” ۽ ٻيا سندس ڪتاب شايع ٿيا.

 هي خوشبو جي شاعره 20 ڊسمبر 1994ع تي اسلام آباد ۾ روڊ حادثي ۾ هن فاني دنيا مان هميشه لاءِ موڪلائي هلي وئي.

 پروين شاڪر وڇوڙي جي 24 ورهين کانپوءِ به چَيَلَ پنهنجي شعرن جي صورت ۾ اسان سان گڏ موجود آهي، کيس مداحن پاران ورسيءَ جي موقعي تي ڀيٽا پيش ڪئي پئي وڃي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*