ناليواري  شاعر منير نيازي جا مداح اڄ سندس 12 هين ورسي ملهائي رهيا آهن

  ناليواري  شاعر منير نيازي جا مداح اڄ سندس 12 هين ورسي ملهائي رهيا آهن، کيس ڀيٽا پيش ڪئي پئي وڃي.

منير نيازي 19 اپريل 1928ع ۾ خانپور هندستان ۾ جنم ورتو، هن شروعاتي تعليم  اُتان ئي حاصل ڪئي.

 منير نيازي  جو ڪٽنب 1947ع ۾ پاڪستان جي قيام کانپوءِ پنجاب جي علائقي ساهيوال  ۾ رهائش اختيار ڪئي.

 منير نيازي دَيالَ سِنگهه ڪاليج لاهور مان گريجوئيشن جي ڊگري حاصل ڪئي،  کيس تعليم حاصل ڪرڻ واري دور کان ئي  ادب سان چاهه هوندو هو، جنهن کيس شاعر طور سڃاڻپ ڏياري.

 ماهِه مُنِير جي شاعر منير نيازي جا ڇپيل مختلف شعري مجموعا تمام گهڻو مشهور ٿيا، جن ۾ تنها ڦول، جنگل ۾ ڌنڪ، دشمنون ڪَي درميان شام ۽ ٻيا مجموعا به شامل آهن.

 منير نيازي 2006ع ۾ 24 ڊسمبر تي بيماري وگهي لاهور ۾ وفات ڪري ويو، پَر سندس خيال ۽ سَوچُون سندس چَيَلَ شعرن جي صورت ۾ اسان وٽ موجود آهن.

شاعر منير نيازي کي 1992ع ۾ وفاقي حڪومت طرفان پرائڊ آفر پرفارمنس ايوارڊ سان نوازيو ويو، جڏهن ته 2005ع ۾ کيس ستاره امتياز ڏنو ويو …….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*